نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي رابطا جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي ترجيح آهي. پرڏيهي ??زارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي افغانستان جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پرڏيهي ??زير توسيعي ٽرائيڪا مڪينزم سم??ت افغانستان ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي ??جا??ر ڪيو. هن افغانستان سان ٻطرفي ڳالهين جي حمايت سان گڏوگڏ عالمي انساني امداد جي وسيع سهولت لاءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن تي پڻ روشني وڌي. افغانستان ۾ انساني همدرديءَ جي امڪانن جو حوالو ڏيندي جن بابت گڏيل قومن ۽ عالمي ايجنسين خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ سرديءَ جي موسم ۾ وڌيڪ خراب ٿي وينديون، پرڏيهي ??زير زور ڏنو ته اهڙي طرح جي صورتحال جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي پناهگيرن جي لڏپلاڻ ٿي سگهي ??ي ۽ دهشتگردن/ انتهاپسندن کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ??و ۽ ان جا علائقائي ۽ عالمي اثر پوندا. افغانستان جي لاءِ آمريڪي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ انخلا ۾ سهولت تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين افغان عوام جي مصيبتن جي خاتمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ عالمي ب??ادري جي شموليت جي گڏيل مقصدن جي لاءِ مسلسل تعاون جي ضرورت جو اعتراف ڪيو.