اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي فراهم ڪيل ٻي امدادي کيپ وصول ڪئي، اها امدادي کيپ سعودي عرب طرفان شاهه سلمان مرڪز جي ذريعي موڪلي و??ي، اها ڳالهه پاڪستان ۾ سعودي سفارتخاني مان جاري بيان ۾ چئي و??ي آهي. پاڪستان سعودي عرب طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان جي فراهمي تي سعودي حڪومت سان ٿورون جو اظهار ڪيو، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته سعودي عرب کان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني امداد جي پهرين اڏ??م اڱاري تي ڪراچي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهت يهئي، پهرين کيپ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي، ڪراچي ۾ سعودي عرب جي قونصل جنرل بندر فهد الديل پرڏيهي و??ارت ۽ اين ڊي ايم اي جي نمائندن سان گڏ وصول ڪئي هئي.