اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر 1965ع جرئت ۽ بهادريءَ جا داستان رقم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان جي شيردل فوج تمام وڏي دشمن ڀارت کي رُڪ جا چڻا چٻرايا، ڀارت کي هر محاذ تي منهن ڀر ڪرڻو پيو. 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت صبح 4 وڳي لاهور تي حملو ڪيو، پاڪ فوج لاهور جسٽر طرفان سيالڪوٽ ۽ فيروز پور طرفان قصور تي ڪيل ڀارتي حملو ناڪام بڻايو، واهگه ۽ بيديان جي ٻنهي مهاذن تي پاڪ فوج وڏي جاني نقصان پهچائيندي ڀارتي حملو ناڪام بڻايو، وڏي انگ ۾ ڀارت?? فوج جنگي قيدي بڻايا ويا. لاهور جي محاذ تي ڪيترين ئي ڀارتي ٽينڪن، بندوقن ۽ ٻئي جنگي سازو سامان کي تباهه ڪيو ويو. جسٽر واري جاءِ تي تمام وڏي جنگ وڙهي وئي، جنهن ۾ ڀارت?? فوجين کي ڊوڙائي ڪڍيو ويو ۽ راوي درياهه جو اهو ڏاکڻيون علائقو آزاد ڪرايو ويو جنهن تي ڀارت?? فوج صبح جو قب??و ڪ??و هو. ڇمڀ جي محاذ تي وڏو نقصان کائڻ ۽ ڪيترن ئي ميلن جي علائقي ۾ دشمن جا هٿيار وکريا پيا هئا، 35 ڀارت?? فوجين کي جنگي قيدي بڻايو ويو. ڪشميري مجاهدن سرينگر ويجهو 2 پلن ۽ هڪ رستي کي تباهه يو. راجوڙي ۽ پونچ لائن کي به سخت نقصان پهچايو ويو. صبح جو ساڍي 6 وڳي لاهور تي حملي جي خبر ملندي ئ?? فوج کي پنهنجي مقرره هدف تي قب??ي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. پاڪ فضائيه پٺاڻ ڪوٽ هوائي اڏي تي ڪامياب حملو ڪيو، پاڪ فضائيه ڀارت جا 22 جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ سي 119، ميسٽريس، 21 ساخت جا جهاز شامل هئا. هڪ ميسٽريس جهاز کي راهوالي وٽ ميزائيل وسيلي ڪيرايو ويو. فيلڊ مارشل محمد ايوب خان چ??و هو ته اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، اسان جا بهادر سپاهي دشمن جا حملا ناڪام ڪرڻ لاءِ اڳيان نڪري چڪا آهن، اسان جي هٿياربند فوج جرئت ۽ بهادري ثابت ڪري ڏيکاريندي. اسان جي بهادر فوج جو جذبو ناقابل تسخير آهي ۽ اسان جو عزم ڪڏهن به ڪمز??ر نه ٿيو. هو دشمن سان لوهن هٿن سان وڙهندا.