چڪوال – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي 75 هين جشن ??زادي جي ڏهاڙي ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي جي موقعي تي ضلعي انتظاميا ٽن ڏينهن ج?? شاندار تقريبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جون اهي تقريبون 12 کان 14 آگسٽ تائين ٽي ڏينهن جاري رهندون ۽ انهن تقريبن ج?? شروعات سڄي ضلعي ۾ 12 آگسٽ کان مسجدن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ پاڪستان ج?? بقاءَ ۽ سلامتي ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون ۽ 12 آگسٽ تي جشن ??زادي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو. اها ڳالهه اي ڊي سي روينيو تنوير ??رتضيٰ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٻڌائي وئي جنهن ۾ اي ڊي سي جي اشعر اقبال، اي ڊي سي فنانس مجاهد عباس ۽ ضلعي انتظاميا ۽ ٻين سرڪاري ادارن ج?? آفيسرن ۽ چڪوال آرٽس ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. اي ڊي سي روينيو تنوير ??رتضيٰ چيو ته پاڪستان ج?? آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن ج?? سلسلي ۾ شهر جي ڪميٽي باغ ۾ 12 کان 14 آگسٽ مينا بازار/ فيملي فيسٽيول، اهڙي طرح ٽن ڏينهن واري تقريبن دوران تصويري نمائش، جشن ??زادي جو ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ وڻڪاري جي تقريبن، خوبصورت چراغان ۽ عمارتن ج?? سجاوٽ ڪئي ويندي. 13 آگسٽ تي رات 9 ??ڳي دلڪش آتشبازي جو مظاهرو ۽ ان سان گڏ ئي جشن ??زادي مشاعرو پڻ منعقد ٿيندو. ان کان اڳ 13 آگسٽ تي ئي صبح 11 وڳي 15 چوڪ کان ڀون چوڪ تائين آزادي ڏهاڙو ريلي منعقد ڪئي ويندي جڏهن ته 13 ۽ 14 آگسٽ تي ڪٻڊي ۽ والي بال جي مئچز تي ٻڌل اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪرايو ويندو. اي ڊي سي روينيو چيو ته 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏهاڙي جي صبح ضلعي انتظاميا جي اهتمام هيٺ پرچم ڪشائي جي عاليشان مرڪزي تقريب 8 لڳي 58 منٽن تي منعقد ڪئي ويندي.