اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني ويٽ لفٽر نوح دستگير بٽ کي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ م??ڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏ??ندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو مستقبل ۾ نمايان ڪارڪردگي جاري رکندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر چيو آهي ته نوح دستگير بٽ گولڊ م??ڊل کٽي قوم جو سر فخر سان ب??ند ڪري ڇڏيو. اميد آهي ته هو مستقبل ?? به نمايان ڪارڪردگي جاري رکندو. ان چيو ته راند جي ميدان ۾ پاڪستاني نوجوانن جي وڌيڪ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي.