اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي ح??وم?? جي اولين ترجيح آهي، اپوسٽل ڪنوينشن ۾ پاڪستان جي شموليت سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آساني ٿيندي، هاڻي پاڪستاني تصديق ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اپوسٽل ڪنونيشن ۾ پاڪستان جي شموليت ??اهرين ملڪ سفر ڪندڙ ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين کي تما?? گهڻي آساني ٿيندي، پنهنجي شهرين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ح??وم?? جي اولين ترجيح آهي، هاڻي پاڪستان ۾ تصديق ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا ۽ اسان جا شهري شادي جا سرٽيفڪيٽ، ڊگريون ۽ ٻيا دستاويز پاڪستان ۾ پرڏيهي وزارت جي مجاز آفي??رن کان تصديق ڪرائي سگهندا جن کي وڌيڪ تصديق جي ضرورت کانسواءِ عالمي سطح تي قبول ڪري سگهبو.