انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي بئن??ار??، ڪسٽمز، زراعت ۽ لاجسٽڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار بابت معاملن جي حل لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ بابت گڏيل ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪي ج?? وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي معاهدي کي ج??دي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا، ??ار??باري برادري کي پنهنجا رابطا وڌائڻ گهرجن ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳ??لڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪي ج?? وچ ۾ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ??ار??باري، واپاري ۽ سيڙپ??ار?? جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سندس ترڪي ج?? دوري ج?? مقصد واپاري ۽ سيڙپ??ار?? رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي ڌيان ڏيندي ترڪي ج?? ??ار??باري برادري سان رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف شين جي واپار جي معاهدي کي ج??د حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، جنهن سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معيشت کي فائدو ٿئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ج?? وچ ۾ رابطي ج?? منصوبن خاص طور تي اسلام آباد – تهران – استنبول (آءِ ٽي ٽي) ڪارگو ٽرين ٻنهي ملڪن جي واپارين کي موثر ۽ تيزي سان ??ار??بار ڪرڻ لاءِ اضافي موقعا ميسر ايندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي ??ار??باري برادري کي پنهنجي نيٽ ورڪنگ کي وڌائڻ گهجي ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳ??لڻ گهرجن. ملاقات ۾ ترڪي ج?? واپار واري وزارت ۽ پاڪستان جي واپار واري وزارت جي تعاون سان هڪ گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن لاجسٽڪس، بئنڪنگ، ڪسٽمز ۽ زراعت سميت ٻطرفي واپار بابت معاملن جو احاطو ڪرڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪري سگهجي. ترڪ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر مهمت موش ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي حقيقي صلاحيت جو ادراڪ ڪرڻ تي وزيراعظم سان اتفاق ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.