اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي، جنهن کي ??تم ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن، پيٽ جي بيمارين جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا خاص طور تي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون ڪوششون واکاڻ جو??يو?? آهن، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي جي خاتمي واري وزير نوابزاده شاه زين بگٽي سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ڪئي وئي، ملاقات ۾ ن??ابزاده شاهه زين بگٽي وزيراعظم کي سومر ڏينهن تي ڊيره بگٽي ۾ پيٽ جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي ڪامياب آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ وزيراعظم جي انهن قدمن ۾ خص??صي دلچسپي ۽ بلوچستان جي متاثر خاندانن جي فوري طور تي مدد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مقامي آبادي کي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان قدمن کي يقيني بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون ??ار?? ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي جنهن کي ??تم ڪرڻ لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. پيٽ جي وبا جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا خاص طور تي ڊاڪٽرز ۽ پيراميديڪل اسٽاف جون ڪوششون واکاڻ جو??يو?? آهن.