اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا پوليس جي سب انسپيڪٽر سحر گل جي ش??ادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي گهروارن ۽ ٻارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ٻارن کي اسڪول کان وٺڻ لاءِ ويندڙ والد جي ش??ادت تي افسوس آهي، وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ پوليس اهلڪارن تي وڌندڙ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد پوليس سب انسپيڪٽر کي ش??داءَ پيڪيج ڏنو وڃي، ٻارن جي تعليم ۽ گهروارن جي ڪفالت يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف، انجني??ر امير مقا?? کي شهيد پوليس اهلڪار لاءِ مالي مدد کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي د??جن جي بلندي ۽ گهروارن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.