اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عم??ان خان کي عقل جي ڳالهه دير سان سمجهه ۾ آئي، انهي لاءِ پارليامينٽ مان ڪڍيو ويو، عم??ان خان جي عقل ۾ آئين جي ڳالهه اچي وڃي ها ته اڌ رات جو عدالت جا دروازا نه کلن ها، عم??ان خان کي عقل جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ته عوام دشمن شرطن تي ??کيون بند ڪري معاهدن تي ??حيحون نه ڪري ها، عم??ان کي عقل هجي ها ته معيشت تباهه، روزگار ختم ۽ تاريخي مهانگائي سان عوام جو ساهه بند نه ٿئي ها، امپورٽيڊ ترجمان پنهنجي ريجيڪٽيڊ ليڊر جي مجروح انا جي تسڪين لاءِ روز نوان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان کي عقل هجي ها ته توهان جهڙا اڌارا ترجمان هجن ها؟ عم??ان خان ۾ عقل هجي ها ته فرح گوگي جي ذريعي ڪرپشن ڪري ها؟ توشا خانه جي قومي امانت ۾ خيانت ڪري ها؟ پنهنجي چئن ??الن جي 20 ??زا?? ارب جي تاري??ي قرض وانگر ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي گناهن جو روزاني بار وڌائي رهيو آهي، هن چيو ته عملي طور تي ??وهان جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي پر توهان مڃڻ لاءِ تيار نه آهيو، جيڪي ماڻهو پاڻ نه ويا انهن کي آئين جي طاقت سان ڪڍيو ويو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان حقيقت کي تسيلم ڪري، عوام فيصلو ڪري چڪي آهي، ان جي سامهون سر جهڪائي، عوام فيصلو ڪيو ته عم??ان خان جي نالائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن کان جان آجي ڪرائي وڃي، باقي الحمد الله اسان آجي ڪرائي ڇڏي آهي.