ڪراچي – 13 ̵1; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شريف اسلام آباد کا?? ڪراچي جي سف?? دوران جهاز ۾ ئي ڪراچي ۽ معيشت بابت اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم اڏا?? دوران ڪراچي ۽ معيشت بابت اجلاس منعقد ڪيو، جنهن جون تصويرن به شيئر ڪيون ويون آهن، مريم اورنگزيب ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان انشاءُ الله ايترو تيزي سان اڳتي وڌندو جو ان کي ”پاڪستان اسپيڊ“ چيو ويندو.