اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موجوده حالتن ۾ وقت کان اڳ چونڊن کي بهترين آپشن قرار ڏيندي چيو آهي ته مون کي بي اعتمادي، استعيفا يا چونڊن جي ٽنهي آپشنز جي آڇ ڪئي وئي، موجوده حالتن ۾ جلد چونڊون ئي بهترين طريقو آهي، استعيفا جو سوچي به نٿو سگهان، قوم کي چوندس ته جڏهن به چونڊون ٿين ملڪ کي صحيح رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ مون کي وڏي اڪثريت ??ان ڪامياب ڪرائي، مون کي پنهنجي اقتدار جي نه پنهنجي عوام جو فڪر آهي، ڪپتان جي حيثيت ??ان آچر جو پلان تيار ڪري رکيو آهي، آخري بال تائين مقابلو ڪندس، سدائين چاهيندس ته ا??ان جي فوج مضبوط کان مضبوط هجي، ڪو اهڙو ڪم نه ڪندس جنهن ??ان پاڪستان ڪمزور ٿئي، سياست ۾ چو??ن ۽ ڦورئن جي احتساب لاءِ ئي آيو هو، احتساب جي عمل کي ڄاڻي واڻي الجهايو ويو ۽ دير جا حربا استعمال ڪيا ويا، احتساب جي عمل ۾ خلل وجهي ملڪ ??ان وڏي غداري ڪئي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل ”اي آر وائي“ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪا به سازش ٿيندي آهي ته ان ۾ مير صادق ۽ مير جعفر هوندا آهن، مون کي آگسٽ کان آئيڊيا ٿي ويو هو ته منهنجي خلاف سازش ٿي رهي آهي، نواز شريف لنڊن ۾ ويهي ماڻهن ??ان ملي رهيو هو، حسين حقاني جهڙا ماڻهو نواز شريف ??ان ملاقاتون ڪري رهيا هئا، ايجنسي جي رپورٽ هئي ته ماڻهو هتي کان لنڊن ويندا آهن ۽ ايندا هئا، ملڪ کي غلام بڻائڻ لاءِ اهڙا ماڻهو گهرجن، اهڙن ماڻهن گهرجن جيڪي ذاتي مفاد جي لاءِ ملڪ کي قربان ڪري ڇڏين، ا??ان جا دشمن پاڪستان جا ٽي ٽڪرا ڪرڻ چاهين ٿ??، 7 مارچ تي ا??ان کي خط مليو، نواز شريف جي آخري ملاقات 3 تاريخ تي هئي، نواز شريف جي ڌيءُ کلي پاڪ فوج تي تنقيد ڪئي، اهي ماڻهو پاڪ فوج تي کلي تنقيد ڪندا رهيا آهن، آئون ڪڏهن فوج جي خلاف ڳالهه نه ڪندس. هن چيو ته نواز شريف ??ان هو رابطي ۾ هئا جيڪي پاڪ فوج جي خلاف آهن، نواز شريف ملڪ کي جيترو نقصان پهچايو ڪنهن ناهي پهچايو، نواز شريف ۽ آصف زرداري ڪرپشن کي قابل قبول بڻائي ڇڏيو، انهن جي ڪوشش آهي ته اقتدار ۾ اچون، اهي سڀ کان پهرين نيب کي ختم ڪندا، اهي ملڪ ادارن کي تباهه ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، مشرف جي وڏي غداري مارشل لا نه اين آر او هو، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف جو بيان ٻڌي حيرت ٿي، خواجه آصف چوي ٿو ته ا??ان آمريڪي لائيف سپورٽ تي آهيون، خواجه آصف کان پڇان ٿو ته پوءِ ا??ان کي انگريزن کان آزادي وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، وزيراعظم چيو ته حڪومت هلي وڃي يا زندگيءَ، اين آر او نه ڏيندس، انهن ڌاڙيلن ا??ان کي دنيا ۾ زليل ڪيو، پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي هجڻ گهرجي، روس، آمرياڪ، چين سميت سڀني کان دوستي هجڻ گهرجي، 80ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان وڏي فرنٽ لائن اسٽيٽ بڻجندو رهيو، امن جو حصو بڻجنداسين، تڪرارن ۾ شريڪ نه ٿينداسين، ڀارت جي پرڏيهي پاليسي ڏسي وٺو، سوويت يونين جي ويجهو هئا، آمريڪا ??ان به لاڳاپا رکيا، هن چيو ته ڀارت جي پرڏيهي پاليسي جي ڪري انهن جي پاسپورٽ جي عزت ڏسي وٺو، ا??ان ڪڏهن ڪنهن بلاڪ ۾ هليا وياسين ۽ ڪڏهن ڪنهن بلاڪ ۾ هليا وياسين، ذوالفقار علي ڀٽو او آءِ سي اجلاس گهرايو، کيس مارايو ويو، اهي ئي پارٽيون ان وقت به ڀٽو جي خلاف سازش جو حصو هيون، اهي ئي فضل الرحمان، نواز شريف جي پارٽي سازش جو حصو هيون، چيو ويو آهي ته عمران خان بي اعتمادي ۾ هارائي ويو ته پاڪستان کي معاف ڪري ڇڏينداسين، خط لکندڙن کي خبر آهي ته ايندڙ انهن جو ساٿ ڏيندا، مون وٽ سڀ رپورٽون آهن، ڪير ڪهڙي سفارتخاني ۾ ويندو هو، ڪهڙو سياستدان، اينڪر، صحافي ڪهڙي سفارتخاني ويندا هئا، سڀ خبر آهي، ٻين ملڪن ۾ ڪو سياستدان ٻي ملڪ جي ماڻهن ??ان ملي ڏيکاري، اي پي پي جي رپورٽ موجب وزيراعظم چيو ته مُون کي خبر آهي ته مريم نواز ??ان غير ملڪي سفارتخاني جا ماڻهو ڇو ملندا آهن، ماضي ۾ هڪ فون ڪال تي سڀ ڳالهيون مڃرايون وينديون هيون، پهريون ڀيرو اهڙو ماڻهو آيو جيڪو آزاد پرڏيهي پاليسي کڻي هلي رهيو آهي، ٻاهر جو ملڪ باضابطه طور تي توهان کي چئي رهيو آهي ۽ ڇا حقيقت ٿي سگهي ٿي، ٻاهر جي ملڪ کي پهرين ئي عدم اعتماد جو پتو هو، ان جو مطلب 5، 6 مهينن کان پلاننگ ٿي رهي هئي، حڪومت کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ان کان وڏي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، وزيراعظم چيو ته اهي سازشي منهنجي ڪردار ڪشي به ڪندا، هينئر کان ٻڌائي رهيو آهيان، خاتون اول گهر کان ٻاهر ناهي نڪرندي ان جي خلاف به مهم هلائي پئي وڃي، منهنجي جان کي خطرو آهي، پر آئون خاموش نه ويهندس. آخري بال تائين مقابلو ڪندس، ڪردار ڪشي جي الڳ مهم تيار ڪئي وئي آهي، جان کي به خطرو آهي، ملڪ جي لاءِ ان کان وڏي ڌمڪي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، خوف اچي ٿو، ا??ان ان سطح تي اچي ويا آهيون ا??ان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هُنن ملڪ کي ايترو ڪيرائي ڇڏيو آهي، ان لاءِ اهڙيون ڌمڪيون اچي رهيون آهن، منهنجي ۽ گهرواريءَ جي ڪردار ڪشي جي لاءِ ٻاهران پئسو ڏنو ويو، دهشتگردي جي خلاف جنگ جي وقت به منهنجي خلاف مهم هلائي وئي، اخبارن ۾ منهنجي خلاف ڪهڙيون خبرون لڳايون ويون، مون کي طالبان خان چيو ويو، آئون چوندو هئس ته هي ا??ان جي جنگ نه آهي، هي ميڊيا ٽيڪٽس آهن، اخبارن کي پئسا ڏنا ويندا آهن، ميڊيا ۾ پئسو هلايو ويندو آهي، وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊون ڏسي وٺو، ا??ان ڪلين سوئيپ ڪيو آهي، سڀني کي دعوت ڏني ته هو ٻاهرين سازش ڏسي وٺن، شهباز شريف کي دعوت ڏني، هو اجلاس ۾ آيو ئي نه، شهباز شريف ان لاءِ بائيڪاٽ ڪيو ڇو ته هو سازش جو حصو آهي، اهي قوم جا غدار آهن، قوم انهن ماڻهن جا چهرا ڏسي وٺي، اهي ڇو پئسو چو??ي ڪري ٻاهر موڪلي رهيا هئا، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿئي ٿي ته اليڪشن بهترين آپشن آهي، اليڪشن ۾ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو. اهي ملڪ ڪيئن هلائيندا، ڪڏهن ايئن به ملڪ هليو آهي ته بندر بانٽ ٿئي، شهباز شريف ??ان نه ڳالهه ڪري سگهان ٿو نه ڪندس، مون کي بي اعتمادي رٿ، استعيفا يا چونڊن جي ٽنهي آپشنز جي آڇ ڪئي وئي، اليڪشن بهترين آپشن آهي، استعيفا جو سوچي به نٿو سگهان، بي اعتمادي رٿ تي چوندس ته آئون مقابلي وارو آهيان، آخري ڳالهه تائين مقابلو ڪندس، ڇانگا مانگا جا ڏينهن هليا ويا، هاڻي سوشل ميڊيا جو زمانو آهي، مخالف ڌر وارا سمجهندا آهن ته ماڻهو کين وساري ڇڏيندا، خط قومي سلامتي جو معاملو آهي، ٻاهران حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته ان کان وڏي ڌمڪي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، خط ۾ حڪومت جو به نه عمران خان جو نالو آهي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته حڪومت نه عمران خان کي هٽائي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو ته روس وڃڻ جو فيصلو عمران خان جو اڪيلو هو، آئون ڪهڙو پئسو ٺاهي رهيو هئس جيڪو چو??ن ته فوج مان مونکي خطرو آهي، آئون نواز شريف وانگر مودي ??ان لڪي لڪي نه ملندو هئس، آئون حسين حقاني جي ذريعي آمريڪن کي خط نه موڪليندو هئس، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل فيض کي نومبر تائين افغانستان جي ڪري رکڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هئس، وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج کي مخالف ڌر اڳواڻن جي ڪرپشن جو پهرين ئي خبر پئجي ويندو هو، اهي ماڻهو ڪرپشن ڪندا هئا ان لاءِ کين فوج جو خطرو هوندو هو، آرمي چيف کي ڊي نوٽيفائي جي ڳالهه ن ليگ جي ڊس انفارميشن مهم هئي، سدائين چاهيان ٿو ته ا??ان جي فوج مضبوط هجي، ڪو اهڙو ڪم نه ڪندس جنهن ??ان پاڪستان ڪمزور ٿئي، نواز شريف ٻاهرين ملڪ ڪنهن ??ان ملندو آهي سڀ خبر آهي، آئون ته پاڪستان جي ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيو آهيان، منهنجي ته ڪڏهن ذهن ۾ نه آيو ته ڪڏهن ڪهڙي جي پروموشن ٿئي، آچر جي ڏينهن ڏسنداسين، چاهيان ٿو ته پوري قوم ڏسي، قوم کي انهن ماڻهن جون شڪليون ڏيکارڻ چاهيان ٿو، قوم کي پتو پئجي ويو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، استعيفا جو سوچي به نٿو سگهان، سياست ۾ انهن چو??ن جي پويان احتساب جي لاءِ ئي آيو هئس، احتساب جي عمل کي ڄاڻي واڻي الجهايو ويو، دير جا حربا استعمال ڪيا ويا، انهن ماڻهن کي سازش، ڊيلز تحت بچايو ويو، احتساب جي عمل کي خراب ڪري ملڪ ??ان وڏي غداري ڪئي وئي، انهن جي ڪيس جا ڇا ٿيو، وزيراعظم چيو ته سڀ خبر آهي، ا??ان بي وس هئاسين، عوام جيڪڏهن چاهي ٿي ته ملڪ ٺيڪ ڪريون ته ا??ان کي وڏي اڪثريت ڏئي، ملڪ چونڊن طرف ويو ته اڪثريت ??ان اچان ته جيئن گند صاف ٿئي. اي پي پي/ر – م/ش – چ 22:02