اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڦورو ٽولو ست رڇين جُون دعوتون اڏائي رهيو آهي، عمران خان جي ??ري ان??ن جون ملاقاتون ٿي رهيون آهن، ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ??الهه ٿيندي رهي، ان??ن جي ??هڙي گڏيل ايجنڊا آهي پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ان ۾ ڪجهه آهي؟ او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته ان??ن کي ذاتي سلامتي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي، اسان کي لانگ مارچ احتجاج کان ڪو خوف نه آهي، ساڍا 7 ارب جو شهباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ايف آءِ اي ۾ شهباز شريف ??و ڪيس هلي رهيو آهي، پنهنجي ساڍا ٽي سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آهيون، سي اي سي وزيراعظم کي چين جي ??امياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??يئرمين وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سڀني صدرن پنهنجي ??ارڪردگي جون رپورٽون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته پارٽي جي تنظيم سازي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پارٽي صدرن کي 15 ڏينهن جي ??يڊ لائين ڏني وئي آهي. پارٽي جو مستقل پارلياماني بورڊ ٺاهيو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ پارٽي ڪارڪنن جي خواهش آهي ته وزيراعظم عوام ۾ اچي حڪومت جي ??ارڪردگي ۽ ترجيحون شيئر ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن سياسي جدوجهد ۾ وڏا وڏا عوامي ميڙ ڪيا آهن. ضلعن جي سطح تي پارٽي ورڪرز ڪنوينشن ڪيا ويندا. وزيراعظم عمران خان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 9 فيبروري تي وزيراعظم فيصل آباد جو دورو ڪندو، جتي هو هيلٿ ڪارڊ جي شروعات ڪندو، جنهن سان ضرورتمند مريض پنهنجو علاج ڪرائي سگهندا. هن چيو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک رپين تائين مفت علاج ڪرايو ويندو، جنهن جو بار حڪومت برداشت ڪندي. پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم سڌوسنئون عوام کي فائدو پهچايو آهي. هن چيو ته 31 مارچ تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي صحت ڪارڊ مان فائدو کڻندي. پنجاب حڪومت 450 ارب ان منصوبي جي لاءِ رکيا آهن. سي اي سي وزيراعظم کي چين جي ??امياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته جتي ملڪي سلامتي جي ??الهه هجي ته بغض ۽ حسد نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي چوندا هئا ته سي پيڪ منصوبو سست ٿي ويو آهي، ان??ن کي بري طرح ناڪامي ٿي آهي، هن دوري سان پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. سڌوسنئون سيڙپڪاري ايندي، سڌوسنئون فائدو پاڪستان جي عوام کي ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ??الهه ٿيندي هئي، اڄ اهي ملاقاتون ڪندا ۽ دعوائون اڏائيندا ڏسڻ اچڻ ٿا، ان??ن جي ??ڏيل ايجنڊا آهي، جنهن ۾ پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته پنهنجي ذاتي سلامتي عزيز آهي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي. اسان کي لانگ مارچ احتجاج ??و ڪو خوف نه آهي. هن چيو ته ساڍا 7 ارب جو شهباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ايف آءِ اي ۾ شهباز ??و ڪيس هلي رهيو آهي. هن چيو ته لاهور ??ي ڊي ايم کان ٽائين ٽائين فش فش ٿي وئي هئي. پنهنجي ساڍا 3 سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آهيون.