اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ را??ا آهي، فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته هڪ صحافي غلام مرتضيٰ شر پيشيوراڻي خدمتن دوران پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺو، مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته اجئه لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ جي قاتلن کي اڃان تائين ڪٽهڙي ۾ ڇو نه آندو ويو، انهي ڪري اهو سلسلو نه رڪجي سگهيو، هن ??يو ته سنڌ حڪومت صحافين ??ي تحفظ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.