اسلام آباد – 06 جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??سان قوم جي حيثيت سان صرف حضور ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪري ترقي ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ?? قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي تجويز ڪيل ڪر??ار بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها اٿارٽي اسان جي پ??اري نبي حضرت محمد ﷺ جي قائم ڪيل مديني جي رياست جي بنيادي قدرن ۽ سيرت النبي صه ﷺ جي شاندار تعليمات جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪر??ار سازي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته ??سان قوم جي حيثيت سان صرف حضور صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل ڪري ئي ترقي ڪري سگهون ٿا. مولانا طارق جميل مديني جي رياست جي فلاحي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمات نبوي صلي الله عليه وسلم جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪر??ار سازي تي زور ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو.