اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه پن??نجي مسلسل نگراني ۽ پيشيواراڻ?? مهارت سان نشاندهي ڪندي 16 آڪٽوبر 2021ع تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀا??تي آبدوز کي پاڪستاني پاڻي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر پا??ان جاري ڪيل بيان مطابق پاڪ بحريه طرفان پاڪستان جي سامونڊي حدن جي سيڪيورٽي ماحول ۾ سخت نگراني ڪئي ويندي آهي ۽ اها پن??نجي نوع??ت جو ٽيون واقعو آهي جنهن ۾ پي اين لانگ رينج ميري ٽائيم پيٽرول ايئر ڪرافٽ ذريعي ڀا??تي بحريه جي آبدوز جو وقت کان اڳ پتو لڳايو ۽ ان جو سراغ پڻ لڳايو.
آءِ ايس پي آر مطابق هاڻوڪو واقعو مادر وطن جي سامونڊي حدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.