اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، نوجوانن کي جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين ??خلاقي براين کان بچائڻ لاءِ سيرت طيبه جي سنهري اصولن جي ??وش??ي ۾ ان جي ڪردار سازي گهڻي ضروري آهي. وزيراعظم سان ڊاڪٽر صاحبزاده ساجد الرحمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري به موجود هو. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ 12 ربي?? الاول ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، ان موقعي تي نوجوان نسل ک?? مديني جي رياست ۽ سيرت طبيه جي رهنما اصولن کان ??وش??اس ڪرائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جو بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، پاڻ سڳورن ماڻهن جي ڪردار سازي تي خاص ڌيان ڏنو. وزيراعظم چيو ته اڄ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ نوجان نسل جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين ??راين کان بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، نوجوانن کي ان اخلاقي براين کان بچائڻ لاءِ سيرت طبيه جي سنهري اصولن جي ??وش??ي ۾ انهن جي ڪردار سازي گهڻي ضروري آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت رحمت اللعالمين ??ٿارٽي قائم ڪئي آهي جنهن ۾ سيرت طيبه تي اعليٰ شهرت رکندڙ اسڪالرز نوجوانن جي ڪردار سازي لاءِ رهنمائي ڪندا، وزيراعظم چيو ته اها اٿارٽي تحقيق ڪري نوجوانن کي ٻڌائيندي ته اهي ڪهڙا عمل هئا جنهن جي ڪري رڳو 13 سالن جي ٿوري عرصي ۾ (636-623) مسلمان قيصر ۽ ڪسري جي عظيم سلطنتن کي زير ڪري 150000 چورس ڪلوميٽر زمين ??ي حڪمراني ڪرڻ لڳا.