اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري عوامي جمهوريه چين جي 72 هين سا??گرهه جي موقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي چين سا?? پنهنجي سدا بهار منفرد دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي فخر آهي.
ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوامي جمهوريه چين جو 1949ع ۾ قيام هڪ تاريخي قدم هو جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۾ چين جي عوام جي اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو، چيني عوام جي ان جدوجهد سڄي دنيا ۾ عوام کي سا??راجيت جي خلاف جدوجهد ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، هن چيو ته چين 1949ع کانپوءِ زندگي جي هر شعبي ۾ واکاڻ جوڳيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هن چيو ته چين صرف 40 سا??ن جي ٿوري عرصي ۾ غربت جي خاتمي، ٽيڪنالاجي، خلابازي، طب ۽ ٻين شعبن ۾ نين راهن کي روشناس ڪرايو، هن وڌيڪ چيو ته چين جي پيداوار ۾ تيز ترين اضافو، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي،
اسپيڪر چيو ته چين جي ترقي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي بي لوث قيادت ۽ چيني عوام جي اڻٿڪ محنت جي ڪري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي ۽ گڏيل اعتماد، احترام، هم آهنگي ۽ گڏيل مفادن جي مضبوط بنيادن تي هموار ??هي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو رستو هر آزمائش تي پورو لٿو آهي ۽ ٻنهي دوست ملڪن علائقائي ۽ عالمي فارمز تي هڪ ٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.
ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان کي چين سا?? پنهنجي لازوال دوستي تي فخر آهي جيڪا گذرندڙ وقت سا?? گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستاني ۽ چيني قوم هڪٻئي جي لاءِ ڀائيچاري، همدردي ۽ محبت جو جذبو رکندي آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سا?? ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي،
هن چيو ت?? سي پيڪ جهڙي گيم چينجر منصوبي جي تڪميل سا?? خطي جي تقدير تبديل ٿي ويندي ۽ پاڪ چين لاڳاپان جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي، هن عالمي جمهوريه چين جي قيام جي 72 هين سا??گرهه تي چيني عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪئي.