لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بشريٰ بي بي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ لاهور جو د??رو ڪيو، خاتون اول ان موقعي تي ايمرجنسي وارڊ سميت اسپتال جي ٻين شعبن جو د??رو ڪيو ۽ اتي ذهني مرض ۾ مبتلا مريضن کي ڏنل سهولتن جو جائزو ورتو ۽ مريضن جي عيادت به ڪئي، اسپتال انتظاميه خاتون اول کي مريضن کي ڏنل سهولتن بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي خاتون اول چيف ايگزيڪيٽو ڊاڪٽر اشرف سان مريضن کي ڏنل سهولتن ۽ کاڌي پتي جي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي، خاتون اول اسپتال ۾ ٺهيل بورچي خاني جو به د??رو ڪيو ۽ مريضن کي ڏنو ويندڙ کاڌي جي معيار جو به جائزو ورتو، هن اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن کي ??لاج جي بهترين سهولتن سان گڏوگڏ کاڌي جي معيار کي وڌيڪ بهتر بنايو وڇي، هن انسٽيٽِيوٽ کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن اسپتال انتظاميه کان پڇيو ته ڇا انسٽيٽيوٽ ۾ ڏنيون ويندڙ سهولتن مان مريض مطئمن آهن ۽ توهان ڪهڙي ط??ح ان کي وڌيڪ بهتر ٺاهي سگهو ٿا ان حوالي سان هن انتظاميه کي هدايتون ڏنيون ته مريضن کي ??هترين سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان تحريري طور تي پنهنجون تجويزون فراهم ڪن، اسپتال انتظاميه خاتون اول کي ٻڌايو ته مريضن کي ناشتو، ٻنپهرن جو کاڌو، ميوا، شام جي چانهه، رات جي ماني ۽ ٻيون نيوٽريشن ڏنيون وينديون آهن ته جيئن انهن جي ذهني صحت کي مستحڪم بڻائي سگهجي، اسپتال انتظاميه ٻڌايو ته ايندڙ سال جون کان اڳ اسپتال ۾ شروع ڪيل منصوبا جن ۾ بلڊنگس جي تعمير سميت ٻيا منصوبا شامل آهن مڪمل ڪيا ويندا، هن اسپتال انتظاميه کي ڊرگس جي عادي مريضن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. خاتون اول اسپتال ۾ ذهني مريضن لاءِ قائم ڪيل مختلف بلاڪن جو به د??رو ڪيو ۽ اتي انهن کي ڏني ويندڙ علاج جي سهولتن جي مڪمل معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي هن انسٽيٽيوٽ آف مينل هيلٿ ۾ ٻوٽو به لڳايو.