اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي 74 سالن جي سفر دوران ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو پر اسان پنهنجي ??حنت، قربانين ۽ گڏيل تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، ملڪ جي ??عاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسا?? ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا، اڄوڪي ڏينهن قوم وچن ڪندي ته اسان قائداعظم جي ??ظرين تي عمل ڪندي پاڪستان جي اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين.
پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي قوم جي ??الي پنهنجي ??يغام ۾ صد?? چيو ته مون پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي ??رمسرت موقعي تي پنهنجي ??طن واسين جي خوشي ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اهو ڏينهن اسان کي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، جنهن ننڍي کنڊ جي ??سلمانن لاءِ ڌار ملڪ ٺاهيو، کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پنهنجي 74 سالن واري سفر دوران پاڪستان ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو، پر اسان پنهنجي ??حنت، قربانين ۽ قوم جي تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، پاڪستاني قوم هڪ ذهين ۽ بهادر قوم آهي ۽ مختلف شع??ن ۾ اسان جون نمايان ڪاميابيون اسان کي ٻين قومن کان مشهور ڪن ٿيون،
صد?? چيو ته دنيا کي ان ڳالهه جي تعريف ڪرڻي پوندي ته پاڪستان انفرادي طور تي دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي ۽ آخر ڪار ان لعنت کي شڪست ڏني. اهڙي طرح پاڪستان جو جوهري طاقت بڻجڻ به هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ اسان جي جوهري صلاحيتن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. صد?? عارف علوي چيو ته اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ??يزباني ڪري رهيو آهي، ان کانسواءِ ڪورونا وبا جي خلاف پاڪستان جي ??وثر قدمن کي به عالمي سطح تي ساراهيو ويو، ڪورونا وبا جي خلاف ان عظيم ڪاميابي تي آئون ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪس، عالم سڳورن، ميڊيا، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوري قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
هن چيو ته اسان جي ??عاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، انهن ڪاميابين جي باوجود پاڪستان کي هاڻي به سماجي ۽ معاشي محاذن تي مختلف چئلينجز درپيش آهن. انهن چئلينجز ۾ وڌندڙ آبادي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي کوٽ، ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي، غذائي کوٽ ۽ ٻيون بيماريون شآمل آهن، صد?? چيو ته اها هڪ حوصلي واري ڳالهه آهي ته حڪومت قرضن ۽ هنر جي ??راهمي جي ذريعي عورتن ۽ معذور ماڻهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، وڌيڪ حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن کي تعليم، صحت ۽ مالي امداد جي ??راهمي لاءِ ”احساس پروگرام“ تحت سماجي ڀلائي جا مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن. تنهن هوندي به اسان کي خصوصي ماڻهن جي سهولت، ڀلائي ۽ ترقي ۽ وراثت ۾ عورتن جي حقن جي ??راهمي يقيني بڻائن لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صد?? چيو ته هن آزادي جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي اسان ڪشمير تڪرار تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون آهن، آئون پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ان جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل رهندو. آئون بين الاقوامي برادري کي اپيل ڪريان ٿو ته اهو ڀارت کي مجبور ڪري ته هو ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ ڪشميرين کي انهن جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري، صد?? عارف علوي چيو ته اچو ته اسان وچن ڪريون ته قائداعظم محمد علي جناح جي ??ظرين تي عمل ڪنداسين ۽ پاڪستان جي اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين.