اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حو??لي سان آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن عو??م ۽ سمورن حصيدارن کي ان عمل جي فائدن کان آگاه?? ڪري سگهجي. هو چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حو??لي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ نادرا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال جي حو??لي سان جڊيشل ڪميشن جي تجويز ڪيل قانوني ترميمن کان آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن جو مقصد چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائڻ آهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ته جئين عو??م ۽ سمورن حصيدارن کي ان عمل جي فائدن کان آگاه?? ڪري سگهجي ۽ ب??ا جواز جي تنقيد جو حقيقتن سان گڏ جائزو پيش ڪري سگهجي.