لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خا?? جي صدارت ۾ آب پاڪ اٿارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير، پنجاب جي گورنر، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سمي?? ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظ?? عمران خان آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستا?? جي صوبائي حڪومتن کي آب پاڪ اٿارٽي جي طرز تي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پنجاب جي 12 ڪروڙ آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏنو ويندو، پنجاب جي 36 ضلعن ۾ 4 ارب رپي?? جي لاڳت سان 1500 پيئڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن، اهي 1500 واٽر فلٽريشن پلانٽس ڊسمبر 2021ع ۾ مڪمل ٿيندا. هن ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي 30 لک رپيا لاڳت ايندي. شهباز شريف جي دور ۾ ”صاف پاڻي ڪمپني“ واعدن، نعرن ۽ دعوائن کانسواءِ ڪجهه نه هئي. شهباز شريف جي دور ۾ ساڍا 7 ارب رپي?? جي لاڳت سان رڳو 116 واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳايا ويا. مملڪتي وزير فرخ حبيب ٻڌايو ته شهباز شريف جي دور ۾ هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي 6 ڪروڙ 40 لک رپيا لاڳت آئي. آب پاڪ اٿارٽي تحت هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي رڳو 30 لک رپيا لاڳت ايندي. هن ٻڌايو ته آب پاڪ اٿارٽي جي ايندڙ فيز ۾ سائوٿ پنجاب ۽ فيصل آباد ڊويز?? جي هڪ هزار ڳوٺن ۾ جتي کارو پاڻي آهي اتي پيئڻ جي صاف پاڻي جا آب پاڪ مرڪز قائم ڪيا ويندا. پنجاب ۾ نوان فلٽريشن پلانٽس آب پاڪ اٿارٽي جي نگراني هيٺ لڳايا پيا وڃن. کاري پاڻي وارن علائقن ۾ هڪ هزار پيئڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته وزيراعظ?? عمران خان پيئڻ جي صاف پاڻي کي شهري?? جي درن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سان پاڻي سان پکڙجندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ ممڪن ٿيندو. هن ٻڌايو ته وزيراعظ?? عمران خان سڀاڻي ??ين??روز جي علائقن جو پڻ دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظ?? عمران خان ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ نگاهه جو مرڪز آهي.