اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي مل?? ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 60 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي مل?? ۾5 هزار 661 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 40 سيڪڙو، پش??ور ۾ 31 سيڪڙو، گوجرانوالا 21 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 70، ڪراچي ۾ 63 سيڪڙو، اسڪردو ۾ 49 سيڪڙو ۽ حيدر آباد ۾ 44 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ 211; 19 جا 62 هزار 462 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 21 هزار 759، پنجاب ۾ 20 هزار 96، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 276، اسلام آباد ۾ 4 هزار 179، بلوچستان ۾ 2 هزار 672، گلگت بلتستان ۾ 756، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 724 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 52 هزار 616 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 404 مريض آهن. سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 77 هزار 409 آهي. سڄي مل?? ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 53 هزار 660 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 25 هزار 778، بلوچستان ۾ 30 هزار 880، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 473، اسلام آباد ۾ 89 هزار 117، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 46 هزار 485، پنجاب ۾ 3 لک 60 هزار 494 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 92 هزار 433 مريض آهن. سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 635 ٿي چڪو آهي.