اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آ??ي ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، مڊل مين جي ڪردار جو تدارڪ ۽ آبادگارن کي سستي اگهه تي ڀاڻ ۽ ٻج جي فراهمي سان آبادگار خوشحال ٿيندو ۽ زرعي پيداوار وڌندي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ عوام ۽ آبادگار دوست هوندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب ۾ جا??ي ميگاپروجيڪٽس ۽ ايندڙ بجيٽ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ملڪي معيشت ۾ زراعت ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، پارليامينٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي زراعت ڪميٽي قائم ڪئي وئي.