اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر طرح جي امتياز ۽ حقن جي پائمالين جي خلاف جدوجهد جي لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خصوصي طور تي مزدور جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مزدو?? ۽ ??الڪ پي??اوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ انهن جو تعاون اڻٽر آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پي??ام ۾ صدر چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي سلام پي?? ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ سندس خدمتون لائق تحسين آهن. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي جدوجهد کي خراج تحسين پي?? ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين، صدر چيو ته مزدورن جي جدوجهد معاشرتي ناانصافي، چائلڊ ليبر، جبري مشقت، رنگ، نسل، مذهب يا صنفي بنياد تي فر?? ۽ ??ر طرح جي پائمالي جي خلاف مشعل راهه بڻجي وئي آهي. هن چيو ته ليبر قانونن جي جوڙجڪ کان گهڻو پهرين اسلام مزدورن جي حقن ۽ وقار کي حرمت ڏني، اسان جي نبي حضرت ??حمد ﷺ جي زندگي ۾ مزدور جي وقار ۽ حقن جي احترام جا ڪيترائي مثال ملن ٿا، انهي بنياد تي اسان سمجهون ٿا ته مزدو?? ۽ ??الڪ پي??اوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مزدو?? ۽ ??الڪ جو تعاون اڻٽر آهي.