اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي، حڪومت چونڊ، معاشي ۽ عدليه سڌارن، عوام جي ڀلائي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي، مخالف ڌر جيڪڏهن ان ۾ اسان جو ساٿ ڏي?? چاهي ته ان جي آجيان ڪنداسين، سينيٽ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي جي ??و آءِ (ف) جي ??ـٺيءَ ۾ ڇرو گهونپيو آهي، ڪنهن به شارٽ يا لانگ مارچ جي ڪا پرواهه نه آهي، مخالف ڌر کي اسلام آباد ۾ هڪ گلدان به ٽوڙڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم پراڻو قصو بڻجي چڪي آهي، ان ۾ شامل سموريون پارٽيون عوام جو رت چوسڻ ۽ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦرڻ تي قوم کان معافي وٺي ڪفارو ادا ڪن، وزيراعظم اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي ??اءِ سدائين اوپن ووٽنگ تي زور ڏنو ۽ مخالف ڌر ووٽن جي خريد ۽ وڪرو ڪري سيڪريٽ بيلٽنگ چاهيندي هئي، سينيٽ جي چونڊ عام چونڊن کان مختلف آهي، هتي هائوس چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ رولز تحت ڪري ٿو، جيڪڏهن مخالف ڌر ان معاملي تي عدالت يا ڪنهن به فورم تي وڃ?? چاهي ته اها انهن جي ??نهنجي ??رضي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي ??لڪ ۾ جمهوري عمل جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي ۽ پاڪستاني عوام کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته صادق سنجراڻي بلوچستان سان تعلق رکي ٿو ۽ وزيراعظم عمران خان جي ??راڻي خواهش هئي ته اهي علائقا جيڪي ماضي ۾ نظرانداز ڪيا ويا انهن جي ??اءِ عملي طور تي ڪجهه ڪيو وڃي. هن چيو ته اڳوڻو فاٽا به تمام گهڻو پٺتي رهجي ??يو هو، ان جي ترقي ??اءِ وزيراعظم فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام ڪيو، اهو هڪ مشڪل ڪم هو، صدين کان هلندڙ نظام کي بهتر طريقي سان خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو ۽ ان علائقي جي ترقي جي ??اءِ 100 ارب جو فنڊ ڏنو ويو. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان ۽ فاٽا کي بطور سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين نمائندگي ??ني وئي آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت سمجهي ٿي ته ادارا پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندي عوام جي خدمت ڪن ۽ ترقي جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پارليامينٽ جو ڪم قانونسازي ڪرڻ آهي جيڪا سڌوسنئون عوام جي ??اءِ ٿيندي آهي پر گذريل اڍائي سالن ۾ بدقسمتي سان پنجاب مان مسلم ليگ (ن) ۽ ڳوٺاڻي سنڌ جي علائقائي پار??ي پيپلزپارٽي قانونن ۽ سڌارن کي منظور ٿيڻ نه ڏنو. مخالف ڌر جي سياست جو مقصد ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ آهي، هي اهڙن ماڻهن کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ پسند ڪن ٿا جيڪي خاص گروهه جي ??فادن جو تحفظ ڪري سگهن، انهي بنياد تي گذريل 30 کان 35 سالن جي سياست ادارن کي مفلوج ۽ عوام کي انصاف ۽ خوشحالي کان محروم رکيو. ان دوران عوام جي ??اءِ ڪجهه نه ٿيو پر نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ۽ ان جي خاندانن لنڊن، آمريڪا ۽ ٻاهرئين ملڪن ۾ پنهنجون ملڪيتون ۽ فيڪٽريون ٺاهيون، جڏهن اهي ماڻهو سياست ۾ آيا ته هڪ فيڪٽري هئي ۽ هاڻي 29 فيڪٽريون آهن. هن چيو ته عوام عمران خان جي عزم ۽ بي داغ قيادت تي اعتماد ڪندي 2018ع جي چونڊن ۾ وڏي مينڊيٽ سان ڪامياب ڪرايو. عمران خان چاهي ٿو ته پارليامينٽ ۾ ايندڙ ماڻهن جي ??اءِ هڪ معيار ۽ اهرو طريقيڪار هجي جنهن ۾ پئسي جي سياست نه هجي، قابليت ۽ اهليت جي بنياد تي ماڻهو پارليامينٽ ۾ اچن ۽ علائقي جي عوام جو آواز اٿارين. انهي اڻٿڪ محنت کانپوءِ اڄ پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي. هن چيو ته گذريل 40 سال سياست ڪندڙ پارٽيون اڄ علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن. مخالف ڌر ڪڏهن به قانون جي بالادستي نه چاهي ڇو ته اها انهن جي ??فادن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ??ي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ??يادت ۾ حڪومت جي ??حنت جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اڄ ملڪ ۾ رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آهي. هن چيو ته مهانگائي چئلينج آهي. وزيراعظم پنهنجو پورو ڌيان انهي تي ڏنو آهي، روزاني جي بنياد تي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي ??دمن جي ??گراني ڪري رهيو آهي.