اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ??ري ??ڏيا ??هن. اين سي او سي پاران جاري ??يل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 97 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 46 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا ??ن مان 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 56 سيڪڙو، پش??ور 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پش??ور ۾ 50 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 37 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 574 ٽيسٽ ڪيا ويا ??ن مان سنڌ ۾ 14 هزار 519، پنجاب ۾ 14 هزار 411، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 207، اسلام آباد ۾ 5 هزار 264، بلوچستان ۾ 555، گلگت بلتستان ۾ 380، آزاد ڪشم??ر ۾ 238 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 67 هزار 234 ٿي چڪو آهي.