اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اينٽي ريپ (انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل) آرڊيننس 2020ع ۽ تعزيرات پاڪستان (ترميمي) آرڊيننس 2020ع جي اصولي منظوري ڏيندي عورتن، ٻارن ۽ ٻارڙين س??ن ??يادتي ڪندڙن جي لاءِ سزائن ۽ تشريحات سميت موت جي سزا جي شق شامل ڪري ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا قانون ۽ ا??صاف واري وزير کي سرڪاري ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي مقرري بابت قانونن جي حوالي س??ن ??پريم ڪورٽ آف پاڪستان ک??ن ??هنمائي وٺڻ جي هدايت ڪئي، وفاقي حڪومت جي قدمن جي ڪري کنڊ ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گذريل 10 ڏينهن ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي، ايمپورٽيڊ کنڊ 68 رپيا في ڪلو ۽ ا??و 40 ڪلو ٻوري جي قيمت 200 رپين تائين گهٽ ٿي آهي?? ڪابينا اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري سيڪريٽري کي جي – 20 تنظيم جي 16 ملڪن کان قرضن جي ري شيڊيولنگ جي لاءِ معاهدو ڪرڻ جي اجازت ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ا??تصادي معاملن واري وفاقي وزير خسرو بختيار سان گڏ وزيراعظم عمر??ن ????ن ??ي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين ک?? بريفنگ ڏئي رهيو هو.