اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا حق??قت آهي ان جي باوجود مخالف ڌر پارٽين پاران غير ذميداراڻا بيان ڏنا پيا وڃن، مخالف ڌر پارٽ??ون پنهنجي قومي ذميدارين کان پاڻ کي آجو سمجهن ٿيون، ڪورونا وبا جي ٻي لهر پوري دنيا ۾ تباهي پ??يڙي رهي آهي، مخالف ڌر پارٽين کي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکڻ طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته لڳي ٿو ته مخالف ڌر طئي ڪ??ي ورتو آهي ته ڪنهن به طرح ملڪ کي نقصان پهچائڻو آهي، ڪورونا سان عوام جو ته نقصان ٿيندو ئي ان سان معيشت تي به اثر پوندو، هن چيو ته اها ئي مخالف ڌر هئي جيڪو چوندي هئي ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪريو ۽ اڄ اها ئي مخالف ڌر چئي رهي آهي ته پابندي نه لڳايو، پشاور ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جو جلسو نه ٿيندو ته ڪهڙو نقصان ٿي ويندو.