لاهور – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ انهن کي عام اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم کان ??صوصي ماڻهن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، خصوصي ماڻهن کي ضرورتن موجب سهول??ن جي فراهمي لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي خصوصي تعليم ۽ سماجي ڀلائي جي کا??ن جي معذوري بابت بريفنگ دوران ڪيو.