اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، مخالف ڌر پارٽيون چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ معاشي بحران اچي ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌي، حڪومت احتساب تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندي ۽ بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا فرق جي احتساب جو ??مل جاري رهندو. مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي بدعنواني جا سنجيده ڪيسز آهن، بلاول ڀٽو جو نيب کي بند ڪرڻ ۽ نيب چيئرمين کي گهر وڃن جي حوالي سان بيان کل جوڳو آهي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ??يف اي ٽي ??يف جا قانون ملڪ جي لاءِ آهن، ڪنهن حڪومت لاءِ نه آهن، ??يف اي ٽي ??يف جا قانون اسان جا تجويز ڪيل ناهن پر اسان کي عالمي ادارن ج?? اميدن موجب ان تي ??مل ڪرڻو آهي، اميد آهي ته عيدالاضحيٰ کان اڳ ??يف اي ٽي ??يف قانون پاس ٿي ويندو.