اسلام آباد ??? 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غيرضروري خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ اداراجاتي سڌارن جو عمل تيز ڪيو وڃي، ڪورونا جي ڪري خيبرپختونخواهه جي معاشي صورتحال ??ان عوام کي مڪمل طور تي باخبر رکيو وڃي، مشڪل حالتن جي باوجود هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته ترقياتي خرچ گهٽ ??ان گهٽ م??اث?? ٿين، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فروغ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي، صوبن ۾ توانائي جي صلاحيت بابت حڪمت عملي توانائي وار?? وزارت جي مشاورت سان جوڙي وڃي. اهي هدايتون هن خيبرپختونخواهه صوبي جي ترقياتي معاملن، ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان سڌارن، ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ صوبائي معاشي صورتحال خاص طور تي صوبائي آمدني، خرچن، وسيلن جي حوالي سان درپيش مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.