اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪورونا وائرس بابت تازي اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 15233، تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ به 21501 تائين پهچي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1315 نوان ڪيس ??پو??ٽ ٿيا، 24 وڌيڪ فوتگين سان مجموعي فوتگيون 486 ٿي ??يون. اين سي او سي موجب پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ سڀ کان وڌيڪ 8103 تائين پهچي ويو، سنڌ ۾ 7882 ڪورونا وائرس ڪيس ??پو??ٽ ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ ڪيسن جو انگ 3288 ۽ اسلام آباد ۾ 464 ٿي ??يو، بلوچستان ۾ 1321، گلگت بلتستان ۾ 372 ڪيس ??پو??ٽ ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 71 ٿي ??يو. سڄي ملڪ ۾ هيستائين 5782 مريض مڪمل طور تي صحتياب ٿي ??يا آهن.