اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون ??راهم ڪرڻ، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ ??ي لاءِ ٻن آرڊيننس جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، آرديننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن ??ي لاءِ ??خت سزائون تجويز ڪيون ??يون آهن، اهو قدم ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب رليف هيٺئين سطح تي پهچائڻ لاءِ هڪ قانوني ڪوشش آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاش?? اعواڻ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون ??راهم ڪرڻ ??ي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي آرڊيننس آندو پيو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سان گڏوگڏ ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ضروري شين جي فراهم?? کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي آرڊيننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن ??ي لاءِ ??خت سزائون تجويز ڪيون ??يون آهن. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 اپريل جي فيصلن، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 8 ۽ 9 اپريل جي فيصلن جي توثيق ڪئي.