اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا جي شڪل ۾ قو?? کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پاڪستان ??ائم ڪرڻ واري جذبي کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، صوبن کي جزوي لاڪ ڊائون جو آپشن ڏنو ويو پر ان جو مطلب زبردستي عوام کي گهرن تائين ??حد??د ڪرڻ نه آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪالهه وزيراعظم جي قو?? کي خطاب کانپوءِ مختلف سياس?? اڳواڻن، سماجي ليڊرشپ ۽ ميڊيا جي تجزيه ڪارن جي جيڪا راءِ سامهون آئي آهي ان ۾ اڪثريت جي س??چ ۽ بيانيو هو ته پاڪستان کي لاڪ ڊائون طرف وڃڻ گهرجي.