مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجو ايمان آهي ته نريند?? مودي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو آهي انهي سان ڪشمير جي آزادي جو رستو نڪرندو، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ سياسي، سفارتي ۽ ميڊيا جي سطح تي ڪاميابي ماڻي رهي آهي، ڪشميري اڳواڻن سان گڏجي هڪ ڪميٽي جوڙينداسين جنهن کانپوءِ اڳتي جو مرحلو شروع ڪنداسين، ڀارتي وزيراعظم نريند?? مودي جي 11 ڏينهن ۾ پاڪستان کي فتح ڪرڻ ۽ ڀارتي آرمي چيف جي آزاد ڪشمير فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪو به شعور وارو ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي جڏهن ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت هجن، اهي گهٻرايل م??ڻهن جون ڳالهيون آهن، مودي حڪومت 5 آگسٽ جي قدمن کانپوءِ بري طرح ڦاسي وئي آهي، مودي جي??ڏه?? پنهنجي تازي قدم تان پٺتي هٽي ٿو ته ان کي انتهاپسند هندوئن کان خطرو آهي جڏهن ته هو وڌيڪ اهڙا قدم کڻي ٿو ته هو عالمي سطح تي بي نقاب ٿيندو، آر ايس ايس جي نظريي ۽ هندوتوا جي حوالي سان دني?? اسان جي ڳالهه کي اهميت ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونسازي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.