اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آزاد ڪشمير جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي، بنيادي ڍانچي ??ي ترقي ۽ علائقي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ وفاقي حڪومت جي مسلسل مدد کي ورجايو آهي. هن اها ڳالهه آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا ??اروق حيدر خان ۽ سندس ٽيم سان ملاقات ۾ ڪئي جنهن ?? آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار پڻ شامل هئا. وزيراعظم آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪشمير معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري م??مد برجيس طاهر، قانون وارو وفاقي وزير چوڌري محمود بشير ورڪ، وزيراعظم جو سيڪريٽري، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري، پاور ڊويزن وارو سيڪريٽري ۽ ڪشمير معاملن وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا سرڪاري عملدار شامل هئا.