اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اج??گر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي پنهنجي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شه??يا?? خان آفريدي ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ڪشمير ڪميٽي پار??ن مختلف عالمي ??ور??ن خاص طور تي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي)، يورپي يونين، آمريڪي ڪانگريس ۽ ٻين عالمي پارلياماني ادارن ۽ ڌرين سان ڪشمير مسئلي کي اج??گر ڪرڻ جي لاءِ کنيل ??دم?? بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ڪوهاٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اج??گر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي ??ن مقصد جي لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪوهاٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻائي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.