اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مري??َ ۾ سخت برفباري جي ڪري ٿيندڙ سانحي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي مرحومن جي ايصال ثواب ۽ پونيئرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. صدر چيو ته مشڪل جي هن گهڙي??َ ۾ سندس همدرديون گهرڀاتين سان گڏ آهن. صدر اميد جو اظهار ڪيو ته انتظاميا مري??َ ۾ ڦاٿل ٻين ماڻهن کي جلد حفاظت سان ڪڍ?? وٺندي.