اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحت ڪارڊ مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست جي قيام طرف تاريخي قدم آهي. فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پهريان محدود وسيلن واري پاڪستاني جي??ي پرائيويٽ اسپتالن ۾ بهترين علاج جو سوچي به نه سگهندا هئا هاڻي وزيراعظم عمران خان پاران شروع ڪي?? صحت ڪارڊ ذريعي هر خاندان ساليانو 10 لک روپين تائين مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو پروگرام منهنجو پاڪستان منهن??و گهر هر پاڪستاني جو خواب آهي جي??و تمام تيزي سان حقيقيت ب??جڻ شروع ٿي ويو آهي، گهٽ لاڳت، ٽي مرله، پنج مرله، 10 مرله گهرن لاءِ بئنڪون 120 ارب روپين جا قرض منظور ڪري ڇ??يا آهن، جڏهن ته 38 ارب روپين جا قرض بئنڪن ورهائي ڇ??يا آهن، وزيراعظم عمران خان جي محنت جي ڪري هائوسنگ ۽ ڪنسٽريڪشن سيڪٽر لاءِ بئنڪن جا قرض 355 ارب روپين تائين پهچي ويا آهن، جي??ي ڊسمبر 2020ع کان 163 ارب روپيا يعني 85 سيڪڙو وڌيڪ آهي جنهن سان هائوسنگ ۽ ڪنسٽريڪشن سان گڏ جڙيل 120 کان وڌيڪ صنعتن جي ڪاروبار ۾ به اضافو ٿيو آهي.