اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪندي وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تائين معاملي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ گذريل حڪمنامي تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته حڪومت اي پي ايس پشاور سانهي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قدم کڻي، متاثر والدين جو موقف وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان عد??لت آڏو پيش ٿي عد??لت کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته قانون جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي، عد??لت حڪم ڏي، ايڪشن کڻندس. چيف ??سٽ?? گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف ??سٽ?? گلزار احمد پڇيو ته ڇا ??مي??ارن جي خلاف ڪيس داخل ٿيو؟ جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته اڳوڻي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي خلاف انڪوائري رپورٽ ۾ ڪي فائنڊنگ نه آهن. چيف ??سٽ?? گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اربين رپيا ا??ٽيلي جنس تي خرچ ٿين ٿا، عوام جي حفاظت جي ڳالهه اچي ٿي ته انٽيلي جنس ڪٿي هلي وڃي ٿي، عوام ۽ ٻارن کي اسڪولن ۾ مرڻ جي لاءِ نه ٿو ڇڏي سگهجي، چوڪيدار ۽ سپاهين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، اصل ۾ ته ڪارروائي مٿان کان شروع ٿيڻ گهرجي ها، ??سٽ?? اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته ادارن کي خبر هجڻ گهرجي ها ته قبائلي علائقن ۾ آپريشن جو ردعمل ايندو، سڀ کان نازڪ ۽ آسان هدف اسڪول جا ٻار هئا، اهو ممڪن نه آهي ته دهشتگردن کي اندر کان سپورٽ نه ملي هجي، متاثره والدين کي تسلي ڏيڻ ضروري آهي، والدين چاهين ٿا ا?? وقت جي اعليٰ عملدارن جي خلاف ڪارروائي ٿئي. ٻڌڻي دوران عد??لت پاران طلب ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان عد??لت آڏو پيش ٿيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وفاقي وزير علي زيدي، خاص معاون علي نواز اعواڻ، سينيٽر عون عباس بپي پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان روسٽرم تي اچي عد??لت کي آگاهه ڪيو ته جڏهن اي پي ايس پشاور سانحو ٿيو ته صوبي ۾ اسان جي حڪومت هئي، واقعي جي ڏينهن ئي پشاور ويو هئس، اسپتال وڃي زخمين سان به مليس، واقعي جي وقت اسڪول جي ٻارن جا والدين سڪتي ۾ هئا، صوبائي حڪومت جيڪو به مداوو ڪري سگهيندي هئي ڪيو، سمورين سياسي پارٽين اختلافن کي هڪ طرف رکي اي پي ايس سانحي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو، اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا، دهشتگردي جي خلاف اسان جنگ ان لاءِ کٽي ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهي، اسان جو اسامه بن لادن ۽ افغانستان جي صورتحال سان ڪو واسطو نه هو، آئون چوندو رهيس ته آمريڪا جي جنگ ۾ شامل نه ٿيو، آمريڪي دٻاءُ تي مشرف ٻاهرئين جنگ ۾ شامل ٿيو، افغانستان ۾ طالبان حڪومت اچڻ کانپوءِ داعش، ٽي ٽي پي ۽ بلوچ عليحدگي پسند پاڪستان اچي ويا، طالبان حڪومت کانپوءِ اڍائي لک ماڻهو پاڪستان جي رستي ٻاهر ويا، انهن ماڻهن جي آڙ ۾ دهشتگرد پاڪستان ۾ روپوش ٿيا، اسان جو نائن اليون سان ڪو تعلق نه هو، متاثر والدين جيڪي نالا ڏنا ا??هن مان ڪير مقدس ڳئون نه آهي، قانون جي بالادستي يقين رکان ٿو، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي نه ئي مقدس ڳئون، اخلاقي ??مي??اري تحت ڪيئن ڪيس داخل ڪريون، عد??لت ڪميشن ٺاهي، عد??لت حڪم ڪري آئون ايڪشن کڻندس. ان دوران اٽارني جنرل عد??لت کي ٻڌايو ته اي پي ايس سانحي تي ماڻهن کي ڦاهيون ڏنيون ويون. ان دوران چيف ??سٽ?? گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اهو نه ٿا چئون ته ايف آءِ آر داخل ڪريو، ماڻهن جي خبر ته پوي ته ??مي??ار ڪير آهي، شهيدن جي والدين کي ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، ڪجهه نه ڪجهه ڪاروائي ته ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي ??سٽ?? اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته غيرجانبداري سان والدين جي نامزد ماڻهن کان جاچ ته ٿئي، توهان کي اڳواٽ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، عدالتي حڪم ۾ نالا واضح آهن، اعليٰ سطحي ڪميٽي جاچ ڪري سگهي ٿي، عد??لت کي خاطري ڪرايو توهان ايڪشن کڻندا، واضح قدم کڻي عد??لت کي آگاهه ڪريو، تعين ڪريو ته ڪنهن جي ڪهڙي ??مي??اري هئي، حڪومت کي ڏسڻو پوندو ته سانحي جي پٺيان ڪهڙا سبب هئا، سمجهون ٿا ته سانحو ان وقت جي حڪومت جي ناڪامي هئي. ان دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جو مسئلو حل ٿيڻ تائين مسئلو رهندو، وزيراعظم عمران خان عد??لت کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته قانون جي بالادستي تي يقين رکان ٿو، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي نه ئي مقدس ڳئون، عد??لت حڪم ڪري آئون ايڪشن کڻندس، اسان نيشنل انٽيلي جنس ڪوآرڊينيشن ڪميشن ٺاهي جيڪا معاملي کي ڏسي رهي آهي. چيف ??سٽ?? گلزار احمد وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن جي خلاف ڪجهه ملي ٿو ته ڪارروائي ڪريو، 7 سالن کان ڪنهن وڏي جي خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، هاڻي توهان بااختيار وزيراعظم آهيو. ٻڌڻي دوران ??سٽ?? قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته مظلوم جو ساٿ ته اهو ئي آهي ته ظالم جي خلاف ڪارروائي ٿئي. اعليٰ عدليه وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تائين معاملي تي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ گذريل حڪمنامي تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو آهي ته حڪومت اي پي ايس پشاور سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف مثبت قدم کڻي، حڪومت والدين جو موقف وٺي ڪارروائي ڪري. وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.