اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو. ڪابل ايئرپورٽ تي افغانستان جي عبوري پر??يهي وزير امير خان متقي، افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ افغانستان جي پر??يهي وزارت جي سينئر ??مل??ارن پر??يهي وزي?? جي آجيان ڪئي. وزيراعظم جي افغانستان بابت خاص نمائندو محمد صادق، پر??يهي سيڪريٽري سهيل محمود، ڪامرس سيڪريٽري صالح احمد فاروقي، پي آءِ اي چيئرمين ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، ڪسٽمز، ايف بي آر ۽ پر??يهي وزارت جا سينئر آفيسر به پر??يهي وزير سان گڏ ه??ا. پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي هڪ ڏينهن جي دوري دوران افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند، پر??يهي وزير امير خان متقي ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪندو، انهن ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن، گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي مختلف طريقن تي غور ويچار ڪيو ويندو. پر??يهي وزير ٻين افغاني اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ افغان اڳواڻن کي افغانستان ۾ امن ۽ امان جي قيام ۽ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو.