اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل الرحمان پارليامينٽ جو حصو نه آهي، سندس ڳالهيون به بي معنيٰ آهن، مفادن جي سياست ڪندڙ اڄ 12 هون رانديگر بڻجي چڪو آهي، نه هو بيٽنگ ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي کيس بائولنگ جو موقعو ملي رهيو آهي، نواز شريف ته پاڻ ڀڳوڙو آهي، فضل الرحمان جيڪڏهن نواز شريف جو ايترو ئي خيرخواهه آهي ته کيس واپس وٺي اچي، نيب آرڊيننس جو مقصد احتساب جي عمل کي وڌيڪ موثر ۽ بهتر بڻائڻ آهي، ان??ن کي رڳو سيف الرحمان جهڙو احتساب اداري جو سربراهه گهرجي ته جيئن مرضي جو احتساب ڪرائين. مولانا فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت نيب آرڊيننس پارليامينٽ ۾ آڻي رهي آهي، جيڪڏهن مخال?? ڌر وٽ نيب کي بند ڪرڻ جي 34 ترميمن کانسواءِ ڪا تجويز آهي ته بحث جي عمل ۾ سامهون آڻي، فضل الرحمان جو داڻو پاڻي بند آهي، ان??ي لاءِ جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته فضل الرحمان صاحب ت??ها?? جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ عرض آهي ته 2018ع ۾ عوام ووٽ جي طاقت سان ت??ها?? سميت پوري مخال?? ڌر کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، ناجائز، نااهل ۽ نالائق حڪومتون اهي هيون جن ت??ها?? کي پنهنجي اقتدار جو حصو بڻايو ۽ ت??ها?? ان??ن جي لاءِ سهولتڪار بڻيا. هن چيو ته جيڪڏهن موجدوه حڪومت جا چونڊ سڌارا پسند نه آهن ته ت??ها?? پنهنجا سڌارا کڻي اچو، ت??ها?? ته ڌانڌلي نظام جي فروغ ۾ دلچسپي رکو ٿا.