اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين واضح اعلان ڪيو آهي ته جيڪو امير ماڻهو ??يڪ?? نه ڏيندو اهو جيل ويندو، 2023ع تائين اوڳاڙيون 7000 ??رب رپين تائين کڻي وينداسين، وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف آڏو ڄمي ويو آهي، هو غريبن تي بار نه وجهندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪندو جڏهن ته قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان مخالف ڌر جي ناڻي واري وزارت تي ڪٽوتي جون رٿون رد ڪندي 15 ناڻي جي مطالبن جي منظلري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته ملڪ ۾ بجيٽ سازي جو جيڪو سسٽم هلي رهيو آهي اهو ٽي سال پراڻو نه آهي پر 74 سالن کان اهو ئي نظام آهي، مخالف ڌر پنهنجي 30 سالن ۾ ان نظام کي به ڏسي وٺي، اها ??يڪ??يشن جو نظام به ڏسي وٺي، اسان به ان نظام بابت چئون ٿا ته اهو ٺيڪ نه آهي جڏهن ته اسان ان کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون. اسان سڌارن جي ڳالهه ڪئي، عوام کي ڇت ڏيڻ، شهري علائقن جي رهواسين کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ ۽ آبادگارن جي لاءِ زرعي قرضن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هتي چيو ويو ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وئي آهي، ڇا انهن جي دور ۾ اهي ماڻهو آءِ ايم ايف وٽ نه ويا. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت 156 ??رب ڊالر جو واپاري خسارو هو. رپئي جي قدر ۾ مصنو??ي استحڪام جي ڪري اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل 60 ??رب ڊالر جو ٽيڪو هنيو. پيپلزپارٽي جي دور ۾ پاڪستان جو روانگي واپار 25 ??رب ڊالر هو جيڪو 17 – 2016ع ۾ واپس 21 ??رب ڊالر تي اچي ويو. رپئي جي قدر ۾ مصنو??ي استحڪام سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ??رب ڊالر رهيو ان جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. هن چيو ته ملڪ کي اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وٺي وئي. واڌويجهه جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري ??يڪ??يشن وڌائڻ آسان ناهي هوندو، سڄي دنيا ۾ ڪوويڊ جي ڪري واڌويجهه جي شرح هيٺ ٿي، ڀارت سوا 11 سيڪڙو منفي تي ويو جڏهن ته مشڪلاتن جي باوجود ه?? ڀيري پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 4 سيڪڙو رهي جيڪا ايندڙ سال 5 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين. ??يڪ??يشن 4700 ??رب رپين جو هدف هن سال پورو ڪنداسين ۽ ايندڙ سال 58 سئو ??رب رپين تي کڻي وينداسين.