اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي انطاليا سفارتي فورم جي موقعي تي ڪويت جي پنهنجي هم منصب شيخ ڊاڪٽر احمد ن??صر المحمد سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ديرپا اسٽريٽجڪ شراڪتداري لاءِ جامع ??لا?? جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچس??ي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو.