اسل??م آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان اڳ احساس ڪير ??کي?? نه سمهي پروگرام کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڌيڪ ٽن شهرن تائ??ن سگهه ڏيڻ جو اعلان اڄ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب احساس ڪير ??کي?? نه سمهي پروگرام ذريعي انهن مزدورن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ۽ گهٽ اجرت ورڪرن کي مفت کاڌو ورهايو ويندو جيڪي احساس پناهگاهن ۽ لنگرخانن تائين پهچي نه ٿا سگهن. ورچوئل افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن ۽ پارليامينٽر??ن سان گڏ فيصل آباد، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪيترين ٽرڪ ڪچنز ذريعي، احساس ڪير ??کي?? نه سمهي پروگرام تحت کاڌي جي مفت فراهمي جي سروس جو افتتاح ڪندو. ان پروگرام تحت هر ٽرڪ مخصوص سروس پوائنٽس تي روزانو 1500 کان 2000 ماڻهن کي کاڌو ورهائيندي. کاڌي جي تياري ۽ فراهمي ٽرڪ ڪچن تان ئي ٿيندي. وزيراعظم احس??س تحت 10 مارچ 2021ع تي راولپنڊي ?? اسل??م آباد ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي ڏينهن ۾ به ڀيرا مفت کاڌي جا دٻا ڏيڻ جي لاءِ ٽرڪ ڪچن جي تصور سان ڪير ??کي?? نه سمهي پروگرام شروع ڪيو ويو هو. جنهن تحت 37827 ماڻهن کي کاڌو ورهايو ويو آهي. جنهن کي هاڻي وڌيڪ ٽن ضلعن تائ??ن سگهه ڏني پئي وڃي.