اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني معذوري جو شڪار عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آه??ون، پارليامينٽ قانونسازي سميت خصوصي ماڻهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آه??، آئون يقين ڏياريان ٿو ته پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجون سموريون ذميداريون پوري ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جسماني طور تي معذور عورتن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو اهڙو موقعو آه?? ته ان جي ذريعي اسان معاشري جي خصوصي ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ کين معاشري جو فعال حصو بڻائڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ان سفر ۾ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آه??ون. هن پارليامينٽ ۾ عورت ميمبرن جي گروپ ومين ڪاڪس جي چيئرمين منزه حسن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هن قانونسازي جي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آه?? اهو واکاڻ جوڳو آه??. پارليامينٽ جي سطح تي هن هيستائين کنيل قدمن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان خصوصي ماڻهن جي لاءِ آءِ سي ٽي به منظور ڪيو آه?? ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي آه??، جنهن جو مقصد قانونسازي ۾ جهولن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙيون سفارشون جوڙڻ آه?? جنهن جي ذريعي موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اسپيڪر ??سد قيصر چيو ته اسپتالن ۽ اهم تعليمي ادارن تائين به خصوصي ماڻهن جي پهچ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آه??، پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ موجوده قانونن تي عملدرآمد لاءِ به ڪم ڪري رهي آه??، خصوصي ماڻهن جي لاءِ موبائيل ايپ ??ه شروع ڪئي وئي آه?? جنهن جي ذريعي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس سميت ٻي سروسز تائين انهن جي پهچ آسان ٿيندي.