اسلام آباد – 03 –; ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد اطلاعات واري وزير کي فلمي صنعت کي درپيش مسئلن بابت تف??يلي آگاهه ڪندي چيو ته فلمسازي کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ حڪومت جو تعاون گهربل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته ٻين اد??رن وانگر ان شعبي کي به نئين دور ??ي گهرجن کان هم آهنگ هجڻ گهرجي، جيڪي اد??را پاڻ کي جديد گهرجن کان هم آهنگ نه ٿا ڪن اهي اهميت وڃائي ويهن ٿا، ح??ومت فلمي صنعت جي فروغ لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.