اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آزاد ۽ محفو?? سرحدن تي يقين رکي ٿي، سرحدن کي محفوظ بڻائڻ سان گڏوگڏ واپاري سرگرمين خاص طور تي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار جي فروغ لا??ِ عملي قدم کنيا وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار موجوده بارڊر مئنيجم??نٽ سسٽم کي وڌيڪ فعال ۽ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.