اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا گذريل صدر جي دوران دنيا سميت پاڪستان لاءِ هڪ شديد وبا ثابت ٿي آهي جنهن سان معيشت تي دٻاءُ وڌيو ۽ ص??ت جا مسئلا پيدا ٿيا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ص??ت جي مسئلن جو حل معيشت کي بند ڪرڻ ناهي هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال پهرين ٽه ماهي دوران آمريڪا ۽ برطانيه سميت ٻين ملڪن جون معيشتون بري طرح متاثر ٿيو پر پاڪستان ڪورونا وائرس جو جهڙي طرح مقابلو ڪيو ان جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان ان مشڪل جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو آهي، هن چيو ته بل گيٽس به ڪيترن ئي م??قعن تي ڳالهائڻ دوران پاڪستان ۽ ڀارت جو تجزيو ڪندي پاڪستان جي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏنو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊيل صدر به پنهنجي تازي پاڪستانجي دوري جي م??قعي تي ان جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته دنيا پاڪستان جي تجرب?? مان فائدو کڻي، وفاقي وزير چيو ته وال اسٽريٽ جرنل پاڪستان جي باري ۾ عام طور تي سٺيون خبرون ناهي ڏيندو وائرس جي حوالي سان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ويو.